اڪرم مڱڻهار

اڪرم مڱڻهار (شرناءِ نواز ):هي لاڙڪاڻي شهر جو رهاڪو هو. هي فنڪار شرناءِ وڄائڻ جو وڏو ماهر هو. سندس ٽولو، جنهن ۾ سندس ڀاءُ غلام جعفر دهل جو وڄيو هو، سڄي سنڌ ۾ مقبول ۽ مشهور هو. اڪرم مڱڻهار خانصاحب پيرل خان جو شاگرد هو. ۽ پيرل خان بسم الله خان جي پايي جي شرناءِ وڄائيندو هو. اڪرم 1975ع ۾ وفات ڪري ويو.


لفظ اڪرم مڱڻهارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو